ٻليءَ پيرڙو

ٻليءَ پيرڙو: هيءَ معصوم ٻارڙن جي راند آهي. ننڍڙن ٻارن کي وندرائڻ خاطر سندن وڏي ڀيڻ، ماءُ، ماسي، پڦي، ناني يا ڏاڏي ٻار جو هٿ سنئون ڪري پڇندي آهي ته ”هتي جا مڇي ماني هئي سا ڪيڏانهن وئي؟“ ٻار کي اڳيئي هڪ دفعو جواب سمجهايو ويندو آهي. اهو چوندو آهي ته ٻلي کائي وئي. ان بعد پڇا ڳاڇا شروع ٿيندي ۽ آڱرين کي گھر جا ڀاتي ڄاڻي هر هڪ آڱر چيچ کان ٿيندي تريءَ ڏانهن ورائي پڇبو به رهبو ۽ جواب به ڏبو رهبو ته: ”هيءَ ويئي پاڻي ڀرڻ“، ”هيءَ ويئي ڇيڻا چونڊڻ“، ”هيءَ ويئي کير ولوڙڻ“، ”هيءَ ويئي مينهون ڏسڻ“، آخر ۾ وارو ايندو آڱوٺي، جو جنهن لاءِ چيو ويندو ته ”هي ويو ڪاٺيون ڪرڻ“. ان بعد اهي سڀ ڀاتي بيڏوهي ٺهرائي، ٻليءَ جي ڳولا ڪبي ۽ ٻانهن تي آڱريون رکي چئبو ”ٻليءَ پيرڙو ٻليءَ پيرڙو“. وري واپس اچي ساڳيءَ طرح پير کڻبو. آخر ٻن چئن دفعن جي اوٽ موٽ بعد ٻار جي ڪڇ ۾ هٿ وجھي ڪتڪتايون ڪڍندي چئبو آهي: ”اجھا ڙي اجھا لڌي!“ ان بعد ٻار جو کلڻ ۽ گد گد ٿيڻ ڪو ويهي ڏسي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو